پتائي گجر

پتائي گجر

پتائي گجر

پتائي گجر Carrot/Dacus carota: هڪ قسم جي اوڀڙ آهي، جيڪا ڀاڄين ۾ شمار ٿئي ٿي. پتائي گجرن جو اصل وطن وچ ايشيا، پنجاب ۽ ڪشمير ليکيو وڃي ٿو. پتائي گجرن ۾ وٽامن اي ۽ سي سان گڏوگڏ معدني جزا به شامل آهن، خاص ڪري منجهن ڪيميائي لوڻ به هوندو آهي، تنهنڪري کائڻ ۾ ذائقي واريون ٿينديون آهن. پتائي گجرون نه صرف ڀاڄيءَ طور استعمال ٿين ٿيون، پر هنن مان حلوو به ٺهندو آهي، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ ان مان ’آهُري‘ نالي سانڌاڻو به ٺاهيو ويندو آهي. هيءُ فصل ربيع جي موسم جو آهي، پر هن ۾ ڪنهن حد تائين گرمي سهڻ جو به مادو موجود آهي، انهيءَ ڪري وچٿري موسم ۾ به ٿينديون آهن. پتائي گجرن جون آڳاٽيون جنسون سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين پوکي سگهجن ٿيون. مندائتي پوک نومبر ۾ ۽ پاڇاٽي پوک ڊسمبر ۾ ڪري سگهجي ٿي. هن کي ”ڳاڙهو گجر“ به چيو وڃي ٿو، جنهن کي کائڻ سان نظر وڌي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو